factograf
SD

زيبرا

زيبرا

زيبرو (Zebra)، گھوڙي جي ڪٽنب جو اڇن ڪارن پٽن وارو جانور آهي. اھي پنھنجي گروھه ۾ رھڻ وارا جانور آھن. اھي گھوڙي ۽ گڏھن وانگر پالتو نہ بڻجي سگھيا. زيبرن جون ھن وقت ٽي جنسون آهن: ميداني زيبرا، جابلو زيبرا ۽ گريوي واري زيبرا. زيبرن جون ٻيون نوعون نابود ٿي چڪيون آهن. ميداني ۽ جابلو زيبرا واريون جنسون ھپوٽگرس جي ذيلي نسل سان تعلق رکن ٿيون.

گريوي واري زيبرا ڊوليڪوھيپس جي ذيلي نسل جي جنس آهي جيڪا ڏسڻ ۾ گڏھ سان مشابهت رکندڙ آھي جنھن سان زيبرائن جو ويجھو رشتو آهي. ميداني ء جابلو زيبري جي مشابھت گھوڙي سان وڌيڪ آھي. ٽئي جنسون ايڪئيس نسل مان آھن. ھن وقت جابلو زيبرا ۽ گريوي واري زيبرا جون جنسون شڪار جي ڪري خطري م آهن. انسائيڪلو پيڊيا برٽانيڪا مطابق زيبرو ھڪ گاھه خور جانور آهي جنھن جو قد عام طور تي 47 کان 55 انچ (120 کان 140 سينٽي ميٽر) آھي. آفريڪا جي اوڀر ۽ اولھه جي ميداني علائقي واري بورشيل زيبرا (Burchell’s zebra) جا پٽا ويڪرا ھوندا آھن. ڪينيا، ايٿوپيا ۽ صوماليه جي بنجر علائقن ۾ ملندڙ اي. گريوي (E. grevyi) جي نالي واري گريوي واري زيبرا (Grevy’s zebra) جا پٽا سوڙھا ۽ پيٽ اڇو ھوندو آھي. نميبيا ۽ سائوٿ آفريڪا جي اولهندي پاسي ننڍين پھاڙين جي ميداني علائقن م رھندڙ زيبرن جي جسم جي پوئين حصي تي سيخن وانگر نمونا ٺھيل ھوندا آھن.

Read next

In 155 languages

sdAfrikaansአማርኛaragonésÆngliscالعربيةالدارجةمصرىasturianuazərbaycancaتۆرکجهбашҡортсаBasa BaliBikol Centralбеларуская (тарашкевіца)беларускаябългарскиবাংলাབོད་ཡིགbrezhonegcatalà閩東語 / Mìng-dĕ̤ng-ngṳ̄CebuanoᏣᎳᎩTsetsêhestâheseکوردیčeštinaчӑвашлаCymraegdanskDeutschZazakieʋegbeΕλληνικάEnglishEsperantoespañoleestieuskaraفارسیsuomiføroysktfrançaisNordfriiskGaeilgeGagauzGàidhliggalegoAvañe'ẽ客家語 / Hak-kâ-ngîעבריתहिन्दीhrvatskiKreyòl ayisyenmagyarհայերենԱրեւմտահայերէնinterlinguaBahasa IndonesiaIgboIdoíslenskaitaliano日本語JawaქართულიTyapKumoringқазақшаಕನ್ನಡ한국어کٲشُرkernowekкыргызчаLatinaLëtzebuergeschLingua Franca NovaLadinlingálaລາວlietuviųlatviešuмокшеньMalagasyмакедонскиമലയാളംмонголꯃꯤꯇꯩ ꯂꯣꯟमराठीBahasa MelayuMaltiမြန်မာဘာသာनेपालीनेपाल भाषाNederlandsnorsk nynorsknorskSesotho sa LeboaNupeDiné bizaadoccitanOromooଓଡ଼ିଆਪੰਜਾਬੀpolskiپنجابیportuguêsRuna Simiromânăрусскийрусиньскыйсаха тылаᱥᱟᱱᱛᱟᱲᱤScotssrpskohrvatski / српскохрватскиසිංහලSimple EnglishslovenčinaslovenščinaanarâškielâchiShonaSoomaaligashqipсрпски / srpskiSundasvenskaKiswahiliதமிழ்తెలుగుтоҷикӣไทยTagalogSetswanaTürkçeXitsongaтатарча / tatarçaTwiудмуртукраїнськаاردوoʻzbekcha / ўзбекчаvènetovepsän kel’Tiếng ViệtwalonWinarayWolof吴语isiXhosaייִדישYorùbá閩南語 / Bân-lâm-gí粵語中文isiZulu

Text from Wikipedia, CC BY-SA 4.0 · Source article