factograf
SD

پکين جو قسم

ڏوئيرو

ڏوئيرو

ڏوئيري جيو تعارف

اسان جي سامونڊي پٽيءَ وارين ڍنڍن ۾ چوڳو ڪندڙ ڏوئيرو نالي پکيءَ جي چهنب ڏوئي يا چمٽي جهڙي ٿئي ٿي، جيڪا مڇي پڪڙي کيس ڳهڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ڀالي جهڙي چهنب وارو ٻگهه جهڙو پکي ڪَڪَي اڪثر تلائن يا واٽرن جي ماڊولن تي ويهي انتظار ڪري، مڇيءَ کي ڀالي جيئن چهنب هڻي پڪڙي کائي ٿو. پيڻ پکيءَ جي چهنب هيٺان چمڙي جي ڳوٿري ان ڪري آهي، جو اها کيس وڏي ۾ وڏي مڇيءَ کي ڳهڻ ۾ سندس مدد ڪري ٿي، جهرڪين ۽ ٻين ان کائيندڙ پکين جي چهنب سخت ۽ نوڪدار ان ڪري آهي، جو اها کين زمين ۾ هڻڻي پوي ٿي.

سنڌ ۾ ملندڙ ڏوئيرو
نمبر شمار سنڌي نالو انگريزي نالو سائينسي نالو
1 ڏوئيرو Eurasian Spoonbill Or Common Spoonbill Platalea leucorodia

ڏوئيري جي جسامت

90 سينٽي ميٽر جسامت جي هن پکيءَ جا نر ماد هڪجهڙا ٿين ٿا ۽ بنيادي طرح هي لاڏائو پکي آهي. يعني هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي سفر ڪندڙ آهي. ٻگهه جهڙي بيهڪ اٿس. سڄو جسم اڇو، چهنب ۽ ٽنگون ڊگهيون ۽ ڪاريون ٿينديون اٿس. چپتري ۽ ڊگهي چهنب جي نوڪ چمچي جهڙي هئڻ ڪري اهو نالو مليو اٿس. ڳچيءَ وٽ اگهاڙي کل ۽ ڪنڌ کان کنڀن جي لڙڪيل چوٽي ٿئيس ٿي.

ڏوئيري جي شڪار جو طريقو

تانگهو پاڻي ۾ هوريان هوريان جهاڳيندو آهي. اڪثر ساحلي ڪنڌين، ڍنڍن، ڌٻڻين ۽ سيلابي پاڻيءَ تي ننڍين ٽولين سان ڏسبو آهي. ڏوئيرو پنهنجي چهنب ٿوري کليل رکندو آهي ۽ شڪار کي ان ۾ پڪڙي وٺندو آهي. سندس شڪار ۾ مڇيون، ننڍڙا آبي جانور ۽ جيت شامل آهن.

اڏامڻ جو طريقو

هوريان اڏامندو آهي. اڏامڻ مھل ڳچي ۽ پير اڳتي ۽ پوئتي پکڙيل هوندا اٿس.

رهائش

هن پکيءَ جو آکيرو ڪنهن وڻ تي تيلن، ڪاٺڙين ۽ گاهه جي وڏي ڍڳ تي مشتمل هوندو آهي. هي پکي ذري گهٽ سڄي يورپ ۽ ايشيا ۾ ملي ٿو.

گيلري

ڏوئيرو اڏامندي
ڏوئيرو اڏامندي
ڏوئيرو پاڻي ۾ مڇي ماريندي
ڏوئيرو پاڻي ۾ مڇي ماريندي
ڏوئيرو وڻ تي ويٺو آهي
ڏوئيرو وڻ تي ويٺو آهي
ڏوئيرو جو آکيرو
ڏوئيرو جو آکيرو
ڏوئيري جو آنو
ڏوئيري جو آنو
ڏئيرو زمين تي جهندي
ڏئيرو زمين تي جهندي
ڏوئيرو آکيري لاءِ ڪاٺيون گڏ ڪندي
ڏوئيرو آکيري لاءِ ڪاٺيون گڏ ڪندي
7 images

Read next

In 81 languages

Text from Wikipedia, CC BY-SA 4.0 · Source article