سمرقند (Samarkand) ڏکڻ اوڀر ازبڪستان ۾ هڪ شهر آهي ۽ وچ ايشيا ۾ سڀ کان قديم مسلسل آباد شهرن مان هڪ آهي. سمرقند سمرقند علائقي جو گاديءَ جو هنڌ ۽ ضلعي سطح جو شهر آهي، جنهن ۾ شهري قسم جون آباديون ڪيموگرلارفرهود ۽ خشراو شامل آهن. سال 2021ع جي آدمشماري موجب 5,51,700 آبادي سان، اهو ازبڪستان جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي.
تاريخي طور تي، سمرقند ڊگهي عرصي کان وچ ايشيا ۾ ايراني (فارسي-تاجڪ) تهذيب جي مکيه شهري مرڪزن مان هڪ رهيو آهي ۽ ريشم روڊ جي ثقافتي ۽ تجارتي نيٽ ورڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. شهر جي علائقي ۾ انساني سرگرمين جا ثبوت آهن پيليولٿڪ دور آخر کان وٺي رهيا آهن. جيتوڻيڪ سمرقند جي بنياد ڪڏهن پيو، ان جو ڪو به سڌو سنئون ثبوت موجود ناهي، پر ڪيترائي نظريا پيش ڪن ٿا ته اهو اٺين ۽ ستين صدي قبل مسيح جي وچ ۾ قائم ٿيو هو. چين، فارس ۽ يورپ جي وچ ۾ ريشم روڊ تي پنهنجي مقام کان ترقي ڪندي، ڪڏهن سمرقند وچ ايشيا جي وڏن شهرن مان هڪ هو، فارس جي هخامنشي سلطنت جي وقت تائين، اهو سغديان جي رياست جو گاديءَ جو هنڌ هو. هي شهر سڪندر اعظم 329 ق.م ۾ فتح ڪيو، جڏهن ان کي مارڪنڊا (يوناني: Μαράκανδα) جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. سال 1220ع ۾ چنگيز خان جي اڳواڻي ۾ منگولن پاران فتح ٿيڻ تائين، شهر تي ايراني ۽ ترڪ حڪمرانن جي حڪومت هئي.
يارهين صدي کان وٺي، شهر ترڪ/ازبڪ سياسي ڪنٽرول هيٺ رهيو، پر شهر جي ثقافت ۽ غالب ٻولي هميشه فارسي رهي آهي.
هي شهر اسلامي علمي مطالعي جو مرڪز ۽ تيموري نشاۃ ثانيه جي جنم ڀومي طور مشهور آهي. 14 صدي عيسويءَ ۾، تيمور ان کي پنهنجي سلطنت جو گاديءَ جو هنڌ ۽ پنهنجي مقبري، گور امير جي جاءِ بڻايو. سوويت دور ۾ ٻيهر تعمير ٿيل بي بي خانم مسجد، شهر جي سڀ کان وڌيڪ قابل ذڪر نشانين مان هڪ آهي. سمرقند جو ريگستان اسڪوائر شهر جو قديم مرڪز آهي ۽ ٽن يادگار مذهبي عمارتن سان گھريل آهي. شهر قديم دستڪاري جي روايتن؛ ڪڙڪائي، سون جو ڪم، ريشمي بُنائي، ٽامي جي نقاشي، سيرامڪس، ڪاٺ جي نقاشي ۽ ڪاٺ جي مصوري کي احتياط سان محفوظ ڪيو آهي. سال 2001ع ۾، يونيسڪو هن شهر کي سمرقندي ثقافتن جي سنگم جي طور تي پنهنجي عالمي ورثي جي فهرست ۾ شامل ڪيو.
جديد سمرقند ٻن حصن ۾ ورهايل آهي: پراڻو شهر، جنهن ۾ تاريخي يادگارون، دڪانون ۽ پراڻا خانگي گهر شامل آهن ۽ نئون شهر، جيڪو روسي سلطنت ۽ سوويت يونين جي ڏينهن ۾ ترقي ڪيو ۽ ان ۾ انتظامي عمارتون، ثقافتي مرڪز ۽ تعليمي ادارا شامل آهن. 15 ۽ 16 سيپٽمبر 2022ع تي، شهر 2022 جي ايس سي او سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪئي.
سمرقند جي هڪ گهڻ ثقافتي ۽ ڪثير لساني تاريخ آهي جيڪا وچ ايشيا ۾ قومي حد بندي جي عمل ذريعي خاص طور تي تبديل ٿي وئي آهي. شهر جي رهاڪن جو هڪ ننڍڙو گروپ تاجڪ ٻولي ڳالهائيندڙ آهي، جڏهن ته سرڪاري ٻولي ازبڪ آهي ۽ ازبڪستان جي ٻولي پاليسي موجب، روسي پڻ عوامي ميدان ۾ وڏي پيماني تي استعمال ٿئي ٿي.
بين الاقوامي لاڳاپا
سمرقند جو تعلق هن شهرن سان آهي:
- آگره، ڀارت
- بلخ، افغانستان
- بانڊا آچئه، انڊونيشيا
- ڪسڪو، پيرو
- جرمالا، ليٽويا
- قيروان، تيونس
- خجند، تاجڪستان
- ڪراسنويارسڪ، روس
- لاهور، پاڪستان
- ليج، بيلجيم
- ماري، ترڪمانستان
- مرو، ترڪمانستان
- ميڪسيڪو شهر، ميڪسيڪو
- نئين دهلي، ڀارت
- نيشاپور، ايران
- پلوڊيو، بلغاريا
- ريو ڊي جينيرو، برازيل
- سمارا، روس
- شيان، چين
- نارا، جاپان
هن شهرن سان سمرقند جا دوستانه لاڳاپا آهن:
ٻاهريان ڳنڍڻا
سمرقند سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage
- Forbes, Andrew, & Henley, David: Timur's Legacy: The Architecture of Bukhara and Samarkand (CPA Media).
- Samarkand – Silk Road Seattle Project, University of Washington
- سانچو:Usurped, according to Columbia University's Encyclopædia Iranica (archived 11 March 2007)
- Samarkand – Crossroad of Cultures. UNESCO World Heritage Committee documentation on Samarkand.
- GCatholic – former Latin Catholic bishopric
- Samarkand: Photos, History, Sights, Useful information for travelers
- About Samarkand in Uzbekistan Latest (archived 18 August 2018)
- Tilla-Kori Madrasa was included in the UNESCO World Heritage List آرڪائيو ڪيا ويا 2019-07-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
